مٽياري (رپورٽر) مٽياري اسڪول ايندڙ ٻارڙن مٿان مينھيون چڙهي ويون، 4 ٻارڙا زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان کيس فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٻارڙا ڳوٺ کان مٽياري اچي رهيا هئا ته الهڏنو سان اسٽاپ تي قائم واڙي واري اسڪول ٽائيم ۾ مينھيون کولي ڇڏيون جيڪي ٻارڙن مٿان چڙهي ويون آهن جنهن ڪارڻ ٻارڙا شديد زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته انتظاميا پاران واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن، هنن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ان واڙي مالڪ کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.ٻئي پاسي اسڪولي ٻارڙن مٿان مينھيون چڙهڻ واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ڊي سي نوٽيس ورتو،ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ خبر جو نوٽيس وٺندي، جاچ ڪميٽي جوڙي، واڙي وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڊي سي اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگرانيءَ ۾ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ مختيارڪار تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، جيڪا ٻن ڏينهن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ڊي سي مٽياري جو چوڻ هو ته اسان اڳ ئي واڙي مالڪن کي واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جا نوٽيس به جاري ڪري چڪا آهيون،  ٻارڙن جو علاج ڪرائڻ ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي آهي، واڙي وارن خلاف ڪريڪ ڊائون اڄ کان ئي ڪيو ويندو.