مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي غوثيه ڪالوني ۽ غوثيه مدرسي ۾ هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هئڻ سبب مسجد ۾ وضو لاءِ به پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي. جامعه غوثيه طاھريه مدرسي جي ٻارن حافظ بشارت احمد طاهري، حافظ عبدالجبار خاصخيلي، عبدالرزاق ميمڻ، حافظ عبداللطيف جي اڳواڻِ ۾  احتجاج ڪندي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي کوٽ آهي، گهرن ۾ رڌ پچاءَ لاءِ به پاڻي استعمال اڻ لڀ  آهي، نوٽيس ورتو وڃي.