مٽياري (رپورٽر) مٽياري مان نوجوان کنڀجڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ ملڪ جي وڏي قومي شاهراهه ست ڪلاڪن تائين بند، مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، مظاهرين پوليس مٿان پٿراءُ ۽ لٺيون وسائي ڏنيون، جواب ۾ پوليس جي هوائي فائرنگ شيلنگ سبب ٻن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 3 پوليس اهلڪار به شامل هئا، پوليس مظاهرين آڏو بيوس بڻجي گرفتار ڪيل نوجوان کي ڪيس داخل هجڻ باوجود آزاد ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب مٽياري پوليس نوجوان علاؤالدين مجيداڻو کي کڻي وئي، هئي، جنهن بعد مجيداڻا برادري جي لٺبردار عورتن ۽ مردن قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سکر ۽ ڪراچي ويندڙ ٻنهي روڊن جي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون هنيون جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ پيو، مسلسل روڊ بند هجڻ ڪري پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، پوليس مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ جو استعمال ڪيو ته ڳوٺاڻن پوليس مٿان پٿرن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ لٺبازي ڪري ڏني جنھن بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻن جا ماڻهو زخمي ٿي پيا جن ۾ 3 عورتون ۽ چار پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا جنهن بعد ڳالهين جي دور بعد پوليس مظاهرين آڏو بيوس بڻجي گرفتار ٿيل نوجوان کي ڇڏي ڏنو، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس بي گناهه اسانجي نوجوانن کي کنڀي کڻي ويندي آهي ۽ ڳري رشوت طلبي ڪئي ويندي آهي پر هن ڀيري جيستائين نوجوان کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين روڊ نه کوليو ويندو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن کي به بي گناهه گرفتار ناهي ڪيو علاوالدين مٿان ۽ سندس ڀاءُ مٿان ڪيس داخل ٿيل آهن منشيات جا اهي ان ڪاروبار ۾ ملوث آهن