مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان نئين ٽول پلازا جي اڏاوت خلاف جدوجھد تيز ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ مٽياري عوامي اتحاد جي سڏ تي ماشاءِالله ھائوس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نيشنل ھاءِ وي تي حيدرآباد کان نيو سعيدآباد تائين ڪنھن به نئين ٽول کي مڪمل طور غير قانوني، غير اخلاقي ۽ سڌي سنئين غنڊا گردي قرار ڏيندي مڪمل طور رد ڪيو ويو. ڪانفرنس اتحاد جي ڪنوينر جي يو آءِ اڳواڻ حاجي سارنگ منگواڻو جي صدارت ۾ ٿي  ڪانفرنس، جيڪا ماشاءِالله ھائوس ھالا ۾ ٿي گذري ان ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال شاھه ڄاموٽ، مسلم ليگ نواز جي نصير ميمڻ ۽ منصور ڀيون، ايس ٽي پي جي ڄام شوڪت ابڙو، فتاح ڳاھوٽي ۽ قربان ارباب، جي يو آءِ جي سليم سنڌي ۽ صاحب ڏنو ورياھه، جسقم جي رشيد ڏيٿو، جماعت اسلاميءَ جي فقير محمد منصوري، ايم ڪيو ايم جي ياسين راجپوت، وسوا جي رحمت الله ترڪ، ايس يو پي جي شڪور ناز، سنڌ سڪار جي اياز ميمڻ، نوجوان اتحاد جي شعيب ڪاڪا، اصلاح المسلمين جي شاھد انصاري، طاھري ويلفيئر جي شھاب ميمڻ، واپاري تنظيم جي جنيد ميمڻ ۽ زبير ميمڻ، مٽياري بار جي ايڊووڪيٽ اخلاص قاضي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اجلاس متفقه طور نيو سعيدآباد کان حيدرآباد تائين ڪنھن به نئين ٽول ٺھڻ کي غير قانوني، غنڊا گردي ۽ لٽ مار جو ذريعو قرار ڏئي ڇڏيو. متفقه فيصلو ڪيو ويو ته ٽول خلاف جدوجهد کي وسيع ڪيو ويندو ۽ ڌرڻا، عوامي رابطي مھم۽ عوامي اسيمبلي منعقد ڪئي ويندي. ٽول کي غير قانوني قرار ڏيڻ لاء عدالت ۾ ڪيس داخل پڻ ڪيو ويندو. پھرئين مرحلي ۾  18 ڊسمبر تي مٽياري، 19 ڊسمبر تي ھالا ۽ 20 ڊسمبر تي سعيدآباد ۾ عوامي اسيمبلي ۽ 22 ڊسمبر تي نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان. اتحاد جا اڳواڻ جلد مٽياري ۽ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرس ڪري اڳئين لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته مٽياري ضلعي ۾ ٻيو ڪو به ٽول پلازا منظور نه آهي، عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي ۽ سائيڊ تي عوامي اسيمبلي لڳائي ويندي، هفتي کانپوءِ ڌرڻو پڻ هنيو ويندو،

 

مٽياري ضلعي تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار وجھڻ مناسب ناھي: مخدوم جميل

مٽياري: سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان مٽياري ضلعي ۾ اضافي ٽول پلازه جي تعمير کي روڪائڻ لاءِ نينشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي انتظاميا کي خط لکي پنھنجن خدشن کان آگاھه ڪيو ايم اين اي مٽياري نينشل ھاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آھي ته نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي پھريان ئي مٽياري ضلعي ۾ قومي شاھراھ تي نيو سعيدآباد ۾ موجود ٽول پلازه تان مٽياري ضلعي جي عوام ۽ مسافرن کان ٽول ٽيڪس اوڳاڙي رھي آھي جڏھن ته مٽياري ضلعي کان ڪراچي واري پاسي حيدرآباد وٽ ۽ سکر واري پاسي نيو سعيد آباد وٽ ٽول پلازه آھي ته پوء مٽياري ضلعي تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار وجھڻ مناسب ناھي ھن خط ۾ لکيو آھي ته نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي طرفان عوام ء انتظاميا جي مشاورت بغير ۽ ضلع انتظاميه جي منظوري وٺڻ کان سواء مٽياري ضلع ۾ اضافي ٽول پلازا جو تعميراتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي جيڪو مناسب عمل ناھي واضح رھي ته مٽياري ۾ اضافي ٽول پلازه خلاف مٽياري جون تمام سياسي سماجي جماعتون توڙي عوام سراپا احتجاج بڻيل آھي جڏھن ته ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ايم پي اي مٽياري مخدوم فخرالزمان پڻ سنڌ حڪومت کي خط لکي نئين ٺھندڙ ٽول پلازه تي خدشن جو اظھار ڪيو ھو.

پاڪستان راھه حق پارٽي پاران به مٽياري ۾ وڌيڪ ٽول ٺاهڻ جي سخت مخالفت

ڀٽ شاهه (ن پ ا) پاڪستان راھ حق پارٽي ضلع مٽياري به مٽياري ۾ وڌيڪ ٽول ٺاهڻ واري عمل جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان راھه حق پارٽي ضلع مٽياري جي صدر امداد علي سولنگي ۽ جنرل سيڪريٽري حافظ نعمان علي بنگلاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مٽياري ضلعي اندر اڳ ۾ ئي هڪ ٽول پلازه موجود آهي ته وڌيڪ ٽول پلازه ٺاهڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين اهو عوام سان زيادتي آهي اسين اهڙي عمل کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، مٽياري ضلعي جي سڀني سياسي سماجي ڌرين ۽ عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته اهڙي عمل خلاف ميدان تي اچن ۽ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو وڃي، پاڪستان راھ حق پارٽي انهن سان هر موڙ تي گڏ هوندي، حافظ نعمان بنگلاڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مخدوم فخرالزمان پاران وزير اعلا سنڌ کي اهڙي عمل خلاف خط لکيو ويو آهي جيڪو ان جو قدم بهترين آهي اسين ان کي ساراهيون ٿا ۽ گڏجي مٽياري ضلعي اندر وڌيڪ ٽول قائم ڪرڻ واري عمل کي روڪيندا سين، هن چيو ته قانون ۾ به اهو ئي آهي ته ضلع اندر هڪ ٽول قائم ڪري سگهجي ٿو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي مٽياري ضلعي اندر وڌيڪ ٽول پلازه واري ڪم کي روڪيو وڃي ٻي صورت م پاڪستان راھ حق پارٽي ضلع مٽياري طرفان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ قومي شاهراه تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو.