مٽياري(رپورٽر) ڪمشنر حيدرآباد مٽياري ضلعي جي حدن ۾ ڪاٺ جي چرپر تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي هڪ خط لکي چيو ويو آهي ته ضلعي مٽياري ۽ ان جي حد جي سمورن شهرن علائقن ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪاٺ جي چر پر تي پابندي لڳائي وئي آهي. ان ڏس ۾ٻيلي کاتي سميت لاڳاپيل شعبن جي عملدارن کي چيو ويو آهي ته اهي هڪ مهيني لاءِ ڪاٺ جي ڪنهن به قسم جي چرپر جا ڪي به اجازت ناما جاري نه ڪن. اهڙو عمل ٻيلن ۾ وڻن جي واڍي روڪڻ جي سلسلي ۾ ڪئي وئي آهي.ليٽر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر واري حڪم نامي جو حوالوبه ڏنو ويو آهي جنهن م ٻيلن جي 10 ڪلوميٽر حدن آرا مشينن کي سيل ڪرڻ، ڪاٺ ذخيرو ۽ خريداري ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ڊي سي حيدراباد جي ليٽر کان قيمتي ٻيلن جي حفاظت ۽ ڪاٺ جي عيرقانوني واڍي، خرداري ۽ ذخيرو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي سي مٽياري پوليس اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته وڻن جي واڍي، ڪاٺ جي چرپر ۽ غيرقانوني خريداري جون شڪايتون درج ڪري قانوني ڪارروائيون ڪيون وڃن.