مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا،,ڦرن، ڌاڙن، منشيات فروشي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف ٺارو شاھ روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي ، جسقم ، ايس يو پي، جسقم آريسر، پاڪستان خاصخيلي اتحاد  تحريڪ، جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ، مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ميمڻ اتحاد، وسوا ، ميمڻ موومينٽ، سمان اتحاد، ڌرتي ڌڻي تحريڪ، سنڌ مري اتحاد، شيعا علماءَ ڪائونسل، سنڌ سومرا اتحاد ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن  ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جي ايم بابو خاصخيلي، رياض چانڊيو، سماجي اڳواڻ  عبدالرزاق ميمڻ، عبدالشڪور  ميمڻ، نصير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ته ڪشمور ۾ پنھنجن پيارن جي بازيابي لاء ڌرڻو ھڻي ويٺل ھندو برادري جي ماڻھن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.  اڳواڻن جو چوڻ ھو ته مٽياري ضلعي ۾ بدامني ۽ پوليس جي سرپرستي ۾  منشيات جو وڪرو عروج تي آھي. نڪتل ريلي ڪشمور ڌرڻي جي حمايت به ڪئي اڳواڻن جو چوڻ تہ هن وقت سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آهي، شعور ڌاڙيلن، لٽيرن، وڏيرن، سنڌ لٽيندڙن خلاف جاڳي پيو آهي ضلعي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ناهي، چور، ڦورو سرعام ڏينهن جو شھر ۾ گھمندي نظر اچن ٿا ۽ رات جو اهي ئي ڏوهه ڪن ٿا ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ هاڻ سياسي پٺڀرائي حاصل ڪندڙ آفيسرن جون مقرريون بند ڪيون وڃن بجلي جا ڳرا بل ، پئٽروليم شين ۾ واڌ کي به ضلعي مٽياري جي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي.