مٽياري(رپورٽر)مٽياري ۾ منشيات خلاف آواز حق اتحاد ريلي ڪڍي، چيئرمين پير علي شير سرھندي جي اڳواڻي ۾ درگاھه پير سرھندي کان نڪتل ريلي مٽياري پريس ڪلب پهتي جٿي سخت ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ريلي ۾ مظاھري ۾ پ پ اڳواڻ پير ارتضا شاھه ھاشمي، بار اڳواڻ پيرل مجيداڻو ۽ ٻيا شريڪ ھئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي پير علي شير سرھندي جو چوڻ ھو ته علمي ادبي . ولين جي شھر مٽياري کي ھٿ وٺي منشيات جي ور چاڙھيو ويو آهي، شھر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ منشيات عام وکر جيان دڪانن تي دستياب آھي جنھن سبب اسان جي نوجوان نسل سان گڏ اسان جو ايندڙ نسل يعني ٻارڙا به منشيات جي ور چڙھي ويا آھن، ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مٽياري مان منشيات بند ڪري ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.