مٽياري(رپورٽر) مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ درگاهه سيد رڪن الدين شاهه بادشاهه وٽ ويٺل مسمات حسنه گهر وٽ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته رجب چانگ کيس چيو ته گس تي خراب پاڻيءَ مان ڪپڙا ڇو ڌوئي رهي آهين، جنهن تان ٻنهي ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد رجب سر جو ڌڪ هنيو جنهن ڪارڻ مسمات حسينه زال نظام چانگ فوت ٿي وئي، مقتولا جي ناٺي نويد چانگ جو چوڻ آهي ته منهجو ڀاءُ رجب اسان جي سوٽ ۽ منهجي سس کي امجد علي چانگ ۽ شمون زال رجب سان گڏجي ماري وڌو آهي، منهجي ڀاءُ منهجي سس کي ڪُک ۾ ڌڪ هنيو جنهن ڪارڻ هو فوت ٿي وئي آهي،لاش وارثن کڻي اسپتال منتقل ڪيو آهي، جتي پوسٽ مارٽم دير سان ٿيڻ تي وارثن پاران اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي،اسان گهران حسنا کي زندهه کڻي آيا هئاسين اسپتال ۾ علاج ترت نه ٿيڻ سبب هوءَ فوت ٿي وئي آهي، معشوق چانگ جو الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو سامان به ناهي اهو اسانکي ٻاهران وٺي اچڻ جو چيو ويو، پوليس ابتدائي طور الزام هيٺ آيل امجد چانگ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته رجب چانگ ۽ سندس زال مسمات شمون فرار ٿي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي رجب جي گرفتاري لاءِ ڪارراوئي ڪئي پئي وڃي، وارث ايندا ته ڪيس به داخل ڪيو ويندو.