مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ معذور نوجوانن نوڪريون نه ملڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. اڳواڻن راحب ڊومڪي، شفيق جمالي، اسد جمالي ۽ ٻين چيو آھي تہ اسان معذور آھيون سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت سڄي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ معذور نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ويون آھن پر اسان جي ضلعي مٽياري ۾ گذريل ڪيترن سالن کان اسان کي پنڌ ڪرايا پيا وڃن، ھنن وڌيڪ چيو آھي تہ ضلعي انتظاميا اسان کي رلائي رھي آھي. ھن مھنگائي جي دور ۾ ٻن وقتن جي ماني لاء پريشان آھيون، روزگار ڏئي پنڻ کان بچايو وڃي، ھنن وڏي وزير سنڌ، سپريم ڪورٽ سميت اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي مٽياري ضلعي جي معذور نوجوانن کي فوري طور سرڪاري ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ اسان پاڻ ساڙينداسين.