مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ نادرا پاران معذورن ۽ کدڙن فقيرن جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واري عمل ۾ سستي جو ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نوٽيس ورتو،ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر مٽياري مسعود احمد قريشي نادرا عملدارن تي زور ڀريو ته معذورن ۽ کدڙن فقيرن جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. هن سوشل ويلفيئر کاتي کي ضلعي اندر رجسٽرڊ اين جي اوز، معذور ماڻھن ۽ خواجا سره جي تعداد جي لسٽ پڻ طلب ڪئي آهي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر عورتن جا شناختي ڪارڊ جلد کان جلد ٺاهڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ نادرا جي موبائل سروس شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته نادرا سينٽرن تي رش سبب عورتن جا شناختي ڪارڊ نه ٺهڻ بابت شڪايتون مليون آهن جن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آفيس مٽياري ۾ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي، هن سوشل ويلفيئر کاتي کي ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن ذريعي ووٽ جي اهميت بابت عوام خاص طور تي عورتن، ھارين، مزدورن ۽ نوجوانن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ مختلف آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ گهر گهر مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن امير بخش سهتو، ايڊيسنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر زبيده ٿهيم، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا مرزا آصف بيگ، اليڪشن آفيسر تنوير احمد، اسد پنهل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو نئين ووٽ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاء پڻ عوام جي رهنمائي ڪن ته جيئن اليڪشن دوران ووٽنگ جي تناسب ۾ واڌارو آڻي سگهجي. ھن ٻڌايو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ 25 آڪٽومبر تائين تاريخ وڌائي آھي جنھن مان عوام ڀرپور فائدو وٺي، هر شخص پنهنجو پنهنجو ووٽ ايس ايم ايس ذريعي 8300 تي چيڪ ڪري، غلط ووٽ داخلا جي صورت ۾ فوري طور تي ضلعي اليڪشن آفيس سان رابطو ڪري درستگي ڪرائي وڃي.