مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ ماتمي جلوسن جي سرواڻي ڪندڙ اڳواڻ سيد جواد شاهه حسيني ۽ سيد مير ڪاظم شاهه، حسيني امام بارگاھ حسينيه سجاديه ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي  الزام ھنيو آھي ته محرم الحرام شروع ٿيڻ تي آھي پر ضلعي انتظاميه پاران ماتمي جلوسن ۽ عزادارن جي سھولتن لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آھن ھر سال محرم شريف شروع ٿيڻ کان ھڪ ھفتو اڳ ميٽنگ ڪري ماتمي جلوسن جي نگراني ڪندڙ عزادارن کي گھرائي انتظام ڪيا ويندا آھن پر ھن ڀيري ڊپٽي ڪمشنر توڙي ايس ايس پي جيڪا ميٽنگ ڪئي آھي ان ۾ مٽياري شھر جي ڪنھن به عزادار کي نه گھرايو ويو نهئي انتظامن بابت ڪا آگاھي ڏني وئي آھي اڳواڻن چيو ته مرڪزي امام بارگاھ حسينيه سجاديه ھميشه انتھائي حساس رھي آھي ۽ ھتي ھميشه سيڪيورٽي جا وڏا انتظام ڪيا ويندا آھن پر ھن ڀيري علم پاڪ جي سواري مھل به سيڪيورٽي نه ملي، شھر جو روڊ اکيڙي ڇڏيو  ڏنو ويو آهي جنھن سبب ماتمي جلوسن کي گذرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اينديون نائين محرم جي رات باهه تي ماتم ٿيندو آهي يوم عاشور جو مرڪزي جلوس ھتان نڪرندو آهي ان باوجود انتظاميه ڪي به انتظام نه ڪيا آھن.