مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان قتل ٿي ويل صوبائي وزير جي ڪمدار جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ منظور حاجاڻو جي فرياد تي داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪا به وڌيڪ ڪارروائي نه ڪري سگهي، پوليس پاران ڪالهه گرفتار ڪيل جوابدار فقيرو کوسو جي گرفتار به اڃا تائين ظاهر نه ڪري سگهي، جڏهن ته پوليس مک جوابدار سوجهر کوسو کي اڃا تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پوليس جو روايتي طور موقف آهي ته پوليس جاچ ڪري رهي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو..