مٽياري (رپورٽر)  مٽياري ۾ روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت، ٽن عورتن سميت 6 زخمي،  پوليس موجب مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ ريڊيو پاڪستان وٽ موري کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر وين جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾  رحيم يار خان واسي ذوالفقار علي ۽ علي احمد ملاح فوت ٿي ويا، جڏهن ته   مسمات حميده، مسمات تهمينه، مسمات زليخان، مشتاق ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.