مٽياري (رپورٽر)  ضلعي انتظاميه مٽياري ۽ خوراڪ کاتي ڪارروائي ڪري ڪڻڪ جي غيرقانوني منتقلي جي ڪوشش ڪندڙ 25 ٽرڪن ۾ پيل 5 هزار مڻ ڪڻڪ ضبط ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ ڪڻڪ ذخيرو ۽ غير قانوني طور منتقلي ڪندڙن واپارين ۽ ڊيلرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر احسان الله ڪوري ٻڌايو آهي هن مهل تائين ٿيل ڪارواين ۾ پوليس جي مدد سان مٽياري، ڀٽ شاهه، ھالا، نيوسعيداباد ۽ نيشنل ھاء وي تي 25 ڪڻڪ جا ڪنٽينر ضبط ڪري 5000 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون خوراڪ کاتي جي سرڪاري گوڊائونن ۾ لاٿيون ويون آهن. هن چيو ته ضلعي اندر سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر تي خريداري جو عمل پڻ جاري آهي، هن آبادگارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي پاران قائم ڪيل مرڪزن تي ڪڻڪ آڻين ۽ 10 هزار روپيا في ٻوري (100 ڪلو گرام )جي حساب سان وڪرو ڪن، آبادگارن کي ھر سهولت ڏني پئي وڃي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر خوراڪ کاتي کي غير قانوني طور ڪڻڪ جي چرپر تي نظر رکڻ، ذخيرااندوزي ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ڪندي ضلعي پوليس کي خوراڪ کاتي جي عملدارن سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آهن.