مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ جسقم آريسر گروپ جي مرڪزي اڳواڻ جمن لاکو ۽ سندس پٽ ڀائيٽن تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري سندس گهرن تي رات اونداهي ۾ ڪاهه ڪرڻ خلاف جسقم آريسر گروپ مٽياري پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي تاج حيدر درس، ذيشان، علي حيدر ترڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جسقم اڳواڻ جمن لاکو چئن سالن کان منشيات فروشن خلاف احتجاج ڪندڙ جو جنهن بعد هالا پوليس منشيات فروشن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي چرچ تي هن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ورتا آهن اسان مرڪزي اڳواڻ مٿان داخل ٿيل ڦر جي ڪوڙي ڪيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اعلا اختيارين کا مطالبو ڪيون ٿا انهن جي ايماندار آفيسرن کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.