مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بندش،  بجلي ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيٽنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ مٽياري آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ جي ضلع صدر ماجد خاصخيلي، نعيم خاصخيلي، شعيب ترڪ جو چوڻ ھو ته انتظاميا جي نااھلي ۽ چونڊيل نمائندن جي بيڌياني سبب مٽياري ۾ انيڪ مسئلن ڪر کنيو آھي، هنن چيو ته شھر ۾ 15 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،رھيل ڪسر گئس انتظاميا پوري ڪري ڇڏي.