مٽياري (رپورٽر ) اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالستار شيخ کنڊو ۽ ٻين هنڌن تي مارڪيٽن جا دورا ڪري  واڌو اگهه وصول ڪندڙ دڪاندارن مٿان هزارين رپين جا ڏنڊ وڌا ويا، اسسٽنٽ ڪمشنر فروٽ، مڇي، چڪن، بيڪري، هوٽل ۽ فلور ملن تي ڏنڊ وڌا. هن چيو ته ضلعي ۾ روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين واڌو اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڊي سي جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، عبدالستار شيخ  وڌيڪ چيو ته غريب عوام کان سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ منافي خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.