مٽياري(رپورٽر) مٽياري ۾ جسقم جي سڏ تي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سرعام منشيات جي وڪري خلاف ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي پوليس ڪڙڪي پئي لٺبازي ڪري ڏني، جنھن بعد پوليس 6 جسقم اڳواڻن کي گرفتار ڪري جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو، سجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو ،شهزاد سمون ۽ ٻين کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، بعد 10 ڪلاڪن کان پوءِ کين آزاد ڪيو ويو. ان موقعي تي اگواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار عام جام هلي رهيو آئيس جو نشو شراب جا گتا پڻ قائم آهن مٽياري منشيات جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي. جيڪو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ کليل نموني وڪرو ٿي رهيو آهي، آئيس جي نشي سبب نوجوان ٻار سڀ انسانن مان حيوان ٿي چوريون داڙا ۽ ٻين شين جا عادي بڻجي چڪا جنھن ڪري مٽياري ۾ ڦرون چوريون روز جو معمول آھن، جنهن سبب نوجوان نسل ۾ ڪينسر ۽ ڪيتريون ئي ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن، نوجوان ۽ پوڙها ماڻهو نشي جو عادي بڻجي ويا آهن، جسقم جا مٽياري طرفان منشيات فروشن خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مٽياري مان جلد منشيات کي ختم ڪيو وڃي ان ۾ ملوث پوليس جي آفيسرن سميت سڀني کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌائي ويندي. ٻئي پاسي ايس پي مٽياري ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او مٽياري کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو،