حيدرآباد(بيورو رپورٽ) مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي جي 18 ٻيلن جون 86هزار 400ايڪڙ زمينون خانگي ڪمپنين کي 44سالن لاء ليز تي الاٽ ڪرڻ واريون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب 18 ٻيلن جي ليز حاصل ڪرڻ لاء 11 آڇون جمع ڪرايون ويون آهن پيڪيج هڪ ۾ سعيدآباد جا بٺو،ڪيلي بٺو،راڻو،نور ڪييٽي ،نورل آباد ،ڪاري ٻيلو،رشال،پڪو ڀاڻوٺ،ڪچو ڀاڻوٺ ۽ ڄامشورو جو مانجهند ٻيلو شامل آهن ان لاء 4آڇون جمع ڪرايون ويون آهن پيڪيج 2۾ هالا شامل آهي جنهن جي ڪچو خانوٺ،پڪو خانوٺ،سالارو هڪ ، سالارو ٻه ،رئيس مريد،خيبراڻي ۽ ڄامشورو ضلعي جو راڄڙي ٻيلو شامل آهن ان لاء 3 آڇون جمع ٿيون آهن. پيڪيج 3 ۾ مٽياري شامل ڪيو ويو آهي هن ۾ مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي جو انڙ پور ٻيلو شامل آهن انهن لاء به 4 آڇون جمع ڪرايون ويون آهن خانگي ڪمپنين في آڇ سان گڏ 10ڪروڙ رپين جي بئنڪ گارنٽي پڻ جمع ڪرائي آهي ذريعن موجب فني ڪميٽي 26مئي تي آڇن جو جائزو پڻ مڪمل ڪري ورتو آهي  ٽن هفتن اندر ٻيلي کاتي جون زمينون ليز تي الاٽ ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو