رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي مرڪزي عهديدارن مومن سمون، اطهرسومرو،شبير شر ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مٽياري پوليس منشيات خلاف آواز اٿارڻ تي اسان جي پرامن اڳواڻن رشيد ڏيٿو ، شرجيل سالاريو ۽ ذوالفقار ڏيٿو سميت 15 ڪارڪنن کي بيگناهه گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، رتوديرو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪارڪنن جو ڏوهه اهو آهي جو انهن منشيات خلاف آواز اٿاريو،منشيات سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، آواز اٿارڻ تي پرامن ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن چيو ته اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو،