مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي سي آءِ پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ڪندي 15 کان مٿي مبينا منشيات فروش ۽ 3 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي، شاهپور، ڀٽ شاهه، هالا ۽ اڏيرو لال ٿاڻن جي حدن ۾ مختلف ڪارروائين دوران 15 کان مٿي منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 15 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،  ۽ 3 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن مشهور منشيات فروش قربان عرف اپني کوسو، اصغر چانڊيو، عبدالستار خاصخيلي، يعقوب ماڇي، ستار، نياز ماڇي، مير حسن ڇٽو، بشير ماڇي، ظهور بروهي، گلزار ۾ ٻيا شامل آهن. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي حيدرآباد مٽياري ٿاڻي تي پهتو، جتي هن پوليس عملي سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي هن منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوهارين خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجي وڌيڪ چيو ته مٽياري پوليس ڪارروائيون ڪري ضلعي مان منشيات جو مڪمل خاتمو آڻي.