مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ درگاهه عباس پير وٽ پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، سي آءِ انچارج مٽياري خادم حسين ڀٽي دعويٰ ڪئي ته گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ٻه عدد پسٽل، گوليون ۽ 2 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون، پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ آڪاش ڳهيلو ۽ دانش ڳهيلو طور ٿي، مقابلي دوران 2 جوابدار فرار ٿي ويا، سي آءِ انچارج ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تي اڳ به چورين، ڌاڙن ۽ ڦرن سميت ٻين ڏوهن جا ڪيس داخل آهن.