مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ ٻئي ٽول پلازا واري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ايس ايس پي مٽياري جي اڳواڻي ۾ ھڪ گڏجاڻي عوامي اتحاد ۽ مٽياري جي سياسي سماجي اگواڻن، اين ايچ اي جي وچ ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ عوامي اتحاد جي ڪنوينر حاجي سارنگ منگواڻو، پيپلز پارٽي ضلعي صدر اڳوڻي ايم پي پير امير علي شاھه ھاشمي، جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد جلال شاهه ڄاموٽ، جي يو آءِ اڳواڻ سليم سنڌي، ن ليگ اڳواڻ نصير ميمڻ، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، طارق ميمڻ، رحمت الله ترڪ، اسد الله ميمڻ ٻين سياسي سماجي قومپرست سول سوسائٽي جا اڳواڻ موجود ھئا، جنھن ۾ متفق راءِ سان ٻئي ٽول پلازا کولڻ لاءِ  شرط رکيا ويا جيڪي ٻن شاھدن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ايس ايس پي مٽياري جي موجودگي ۾ طئي ڪيا ويا. اھي انھن شين تي عمل درآمد ڪرائڻ جا پابند ھوندا، انھن شرطن ۾ سڀ کان پھرين مٽياري ضلعي جي ننڍين گاڏين جو ٽول فري ھوندو جن کي اي ڪيٽيگري ۾ آندو ويندو، جنھن کانپوءِ روڊ جي مرمت سان گڏو گڏ، ڪراسنگ پلون، مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ، ڇھن جڳھين تي يوٽرن ٺاھڻ سان گڏ حادثي ۾ فوت ٿيلن کي انشورنس فراھم ڪرڻ شامل آهي. اهي سڀ شيون اين ايچ اي جي ذمي ھونديون.

شرطن ۽ ضابطن جو ڊرافٽ تيار ڪري نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ عوام آڏو آندو ويندو

مٽياري: مٽياري عوامي اتحاد، مٽياري جي اسٽيڪ ھولڊرن، ضلعي انتظاميا ۽ اين ايچ اي جي ڊگھي بحث کانپوءِ متفق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ۽ شرطن ضابطن جو جو ڊرافٽ تياري ڪري ھڪ نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ مٽياري عوام آڏو آڻيو ويندو، جنھن کان بعد ۾ ٻئي ٺھندڙ مٽياري ٽول پلازا کي شروع ڪيو ويو آھي.

پ پ جي ضلعي صدر امير علي شاهه هاشمي نئين ٽول پلازا کي رد ڪري ڇڏيو

اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) پ پ ضلعي مٽياري جو صدر سيد امير علي شاهه ھاشمي مٽياري ۾ ٺھندڙ ٻيو  تڪراري ٽول پلازا  ۽ سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪينال جي اڏاوت کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي ايم پي اي امير علي ھاشمي  پاران اڏيرولال اسٽيشن ۾  پ پ پ  مٽياري جي اڳواڻ عزت علي برھماڻي جي رھائشگاھ تي   ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي  ھميشه عوام جي مسئلن تي آواز اٿاريو آهي ھن وقت به مٽياري جي عوام توڙي سنڌ جي عوام جي جو سگھارو آواز اٿاريو آهي سنڌو درياهه سنڌ جي جياپو آهي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي تي سنڌ جو حق آهي اھو ڪنھن به صورت ۾ ڌاڙو برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌو درياهه اسان جي معيشت آهي. جڏھن ته ٻئي طرف  پ پ پ ضلعي مٽياري جي سينئير اڳواڻ عزت علي برھماڻي ، امير علي شاهه ھاشمي، پ پ پ اڏيرو لال اسٽيشن جي جھوني ورڪر علي اڪبر چانگ جي عيادت لاءِ پڻ سندس گھر ويا علي اڪبر چانگ کي علاج لاءِ امير علي شاه ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي سندس چوڻ ھو ته علي اڪبر چانگ جھڙا  پ پ پ جا جھونا ڪارڪن ۽ پارٽي جا اثاثا آھن.