مٽياري(رپورٽر) مٽياري ٽائون ڪميٽي مٽياري جي وائيس چيئرمين پاران استعيفا ڏيڻ کانپوءِ نئين چونڊيل وائيس چيئرمن حاجي پرويز ميمڻ جي حلف برداري تقريب اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ ٿي، ياد رهي ته سنڌ صوبي ۾ واحد ٽائون ڪميٽي مٽياري آهي جنهن تي جي ڊي اي جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊيا هئا، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ وائيس چيئرمين پاران ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي استعيفا ڏني وئي هئي، جنهن وارڊ تي ري اليڪشن ٿي هئي جنهن ۾ پ پ جي ڪائونسلر سوڀ ماڻي هئي، جنهن بعد لوڪل ائڊجيسٽمينٽ تحت وائيس چيئرمين جي سيٽ پ پ حوالي ڪئي وئي آهي، حلف برداري تقريب ۾ جي ڊي اي چيئرمين سيد حسن مرتضا ڄاموٽ به شرڪت ڪئي.