مٽياري(رپورٽر) مٽياري وٽان ملڪ جي وڏي قومي شاهراهه بلاڪ ٿيڻ بعد 30 ڪلاڪن کان پوءِ بحال ٿي وئي پر مسافرن رات روڊ تي گذاري، ٽائيم نيوز جي خبر جو ڊي آئي جي حيدرآباد نوٽيس وٺي ٽريفڪ بحال ڪرائي ر ان کان اڳ قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب پنجاب ۽ ڪراچي ويندڙ روڊن جي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏين جو ڊگهيون قطارون لڳي ويون هنيون، جنهن ڪارڻ ڪيترن ئي مسافرن رات روڊ تي گذاري ۽ سخت پريشانين کي منهن ڏنو. ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن اڳ کيبر وٽ بوهه سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي هئي جنهن بعد ٽرالر به ڪلٽي ٿي پيو هو ۽ روڊ جي تعمير جو ڪم به سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، شديد گرميءَ سبب مسافر سخت پريشان رهيا، موٽروي پوليس پڻ قومي شاهراهه تان غائب رهي هئي، ٽائيم نيوز تي 24 ڪلاڪن کان ملڪ جي وڏو قومي شاهراهه بند هجڻ واري خبر نشر ٿيڻ بعد ڊي آئي جي حيدرآباد نوٽيس ورتو ۽ ايس پي مٽياري کي فوري طور قومي شاهراهه کولرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو، شاهراهه تان ڪريل ٽرڪ هٽائي وئي آهي، روڊ جو ڪم به هلندڙ آهي ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ جي ڪري ٻنهي ٽريڪ تي گاڏيون آمهون سامهون ٿيڻ ڪارڻ وڌيڪ بلاڪ آهي، ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي جلد ئي قومي شاهراهه بحال ڪرائي وئي، هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جو چوڻ هو ته اسان ريسڪيو ڪري ٽرڪ کي هٽائي ورتو هو پر ٽريفڪ ٻنهي ٽريڪن تي وچڙي وئي جنهن سبب قومي شاهراهه کي مڪمل بحال ٿيڻ ۾ ٽائيم لڳي ويو، هن چيو مون اين ايڇ اي کي خط لکيو آهي ته جتي جتي روڊ جو ڪم هلي رهيو آهي اهو جلد مڪمل ڪيو وڃي.. هوڏانهن مسافرن روزاني پنهجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اين ايڇ اي وارا هنڌ هنڌ تي رڳو ٽول ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهيا آهن پر مسافرن کي ڪي به سفري سهولتون مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن هيڏي گرميءَ ۾ ٽول انتظاميا وارن مسافرن پئيڻ جي پاڻيءَ جو به بندوبست نه ڪيو مسافر ساري رات روڊ تي گذاري رهيا هئا پر هنن سار ئي نه لڌي وئي…