مٽياري / پليجاڻي (رپورٽر+ ن پ ا) مٽياري ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل 14 ورهين جي علي احمد جويو جو لاش نصرپور لڳ ڳوٺ ميان بخش ۾ ووئڻن جي فضل مان هٿ آيو آهي، شاهپور پوليس ذريعن موجب 14 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جو لاش فصل مان هٿ آيو آهي، شاهپور درپور پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي، فوتي علي احمد جويو 9 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، جنهن بابت چيو پئي ويو ته کيس نامعلوم ڪار جو ٽڪر لڳو جنهن کي ڪار سوار ئي کڻي فرار ٿي ويا هئا، وارثن پاران سندس مختلف اسپتالن ۾ ڳولها پڻ ڪئي وئي پر نه ملي سگهيو جنهن جو ڪالهه لاش هٿ آيو آهي، علي احمد جويو ڳوٺ محمد عمر دائود پوٽو لڳ نصرپور جو رھواسي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته لاش ڳريل حالت ۾ مليو آهي، لاش 9 ڏينهن پراڻو آهي، ٻئي پاسي ابتدائي طور مليل ڄاڻ موجب ته نينگر کي ڪنهن ماري لاش پوري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر موجب ته ابتدائي طور ڪا جنسي ڏاڍائي جهڙي ڳالهه ناهي، لاش ڳريل آهي وڌيڪ جزا وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليا آهن، پوليس جو چوڻ آهيته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ابتدائي طور ٿيل جاچ ۾ جنسي ڏاڍائي واور معاملو ناهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.