مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي ڊاڪٽر ڪالوني واسڻ سندس ماسات سان شادي ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ شاهدا ۽ سندس ماسات شير محمد وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اسان جا مائٽ اسانکي مارڻ چاهين ٿا جن کان اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، شاهدا جو چوڻ آهي ته منهنجا ڀائر ۽ ان جا دوست اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان شهداد پور جي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي جنهن بعد ڀاءُ جاني دشمن ٿي ويو آهي اسان ڏاڍي ڏکي زندگي گهاري رهيا آهيون اسان آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسانکي تحفظ ڏنو وڃي ايس ايڇ او مٽياري کي پابند ڪيو وڃي ته اهو اسان کي تحفظ ڏياري.