مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو واسي نوجوان حيدرآباد مان چئن ڏينهن کان گم آهي، جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سيکاٽ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رياض ڪلهوڙو چار ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، وارثن پاران ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو نوجوان حيدرآباد سبزي منڊي ڪمائڻ لاءِ ويل هو جيڪو اڃان تائين گهر واپس نه اچي سگهيو آهي، جنهن جي ڪافي ڳولها ڪئي وئي آهي لڳي ٿو کيس ڪير اغوا ڪري ويو آهي، پوليس ڳولهڻ ۾ مدد ڪري.