مٽياري (رپورٽر) سيکاٽ ٿاڻي جي حد مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان نريش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو، پنهجي اخبار سان ڳالهائيندي مغوي نريش ڪمار جي ڀاءُ فريادي پريم چيو ته پوليس ٽن ڏينهن جي مهلت ورتي هئي پر مغوي بازياب نه ٿي سگهيو، اڄ برادريءَ جو ڪٺ گهرائي حڪمت عملي جوڙي ويندي، هوڏانهن ايم پي اي مخدوم فخرزمان به مغوي نريش ڪمار جي وارثن وٽ پهتو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي هن چيو ته مغوي جي بازيابي لاءِ گهرو وزير سان ڳالهايو آهي، پوليس ڪم ڪري رهي آهي، آئي جي سنڌ به ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي کان رپورٽ گهري آهي، هن گهرو کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته مٽياري ضلعي ۾ رستن تي رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو.

مٽياري ڊسٽرڪٽ بار کي بد امني تي ڳڻتي، پوليس ناڪام قرار

مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي وڪيلن ضلعي ۾ وڌندڙ بد امني ۽ سماجي براين ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا توڙي پوليس کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن مٽياري جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيو ويو ته مٽياري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال وانا ۽ وزيرستان، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد جھڙي خراب ٿي وئي آهي، پوليس ۽ مقامي ضلعي انتظاميا امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته 17 جون 2024 تي بار ايسوسي ايشن جي ميمبرن سليم ٻٻر ۽ ڊاڪٽر عبدالله تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي ايف آءِ آر سيکاٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي. هنن چيو ته علاج دوران ايڊووڪيٽ سليم ٻٻرزخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر عبدالله اڃا تائين علاج هيٺ آهي پر ايس ايچ او سيکاٽ ۽ ايس ايس پي مٽياري واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. مٽياري ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻن اپيل ڪئي ته ضلعي ۾ مقرر انتظاميا کي فوري طور تي بدلي ڪري ايماندار پوليس آفيسر توڙي ايڊمنسٽريشن آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي