مٽياري (رپورٽر) مٽياري قومي شاهراهه تي چنگچي رڪشا ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ يار محمد کوسا جي رهواسڻ گل زادي زال بچل کوسو ۽ بشير کوسو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، لاش ڳوٺ کڻائي پهچائڻ لاءِ ايمبولينس گهرڻ تي وارثن ۽ اسپتال عملي ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن بعد وارثن پاران اسپتال عملي کي مارڪٽ ڪئي وئي ۽ کوسا برادري جي ماڻهن لاش کڻائي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون. شير علي کوسو، نظر کوسو، مدد کوسو جو چوڻ هو ته اسان ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن اسپتال عملو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي نه اسپتال اندر ڪا سهولت آهي، ايمبولنس گهرڻ تان عملي پاران بدتميزي ڪئي وئي جنهن بعد لاش کڻائي اچي روڊ بند ڪيو آهي، قومي شاهراهه بلاڪ ٿيڻ بعد ايس ايس پي مٽياري نور الحق رند پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ مظاهرين کي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس وٺي ويو جنهن بعد ڊي سي مٽياري مظاهرين ۽ اسپتال عملي وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ۽ روڊ کولرايو ويو.