مٽياري: فوڊ کاتي جي عملدارن جي ڪارروائي، ڪڻڪ سان ڀريل 4 ٽرڪون پڪڙي ورتيون، رشوت بعد ڇڏي ڏنو

0
137

مٽياري (ن پ ا) مٽياري فوڊ کاتي جي عملدارن ڀٽ شاهه ويجهو ڪڻڪ سان ڀريل 4 ٽرڪون روڪي مبينا طور رشوت وٺڻ بعد ڇڏي ڏنيون. فوڊ کاتي جي عملدارن قومي شاهراهه تي نوابشاهه کان ڪراچي ڪڻڪ جون 15 سئو ٻوريون کڻي ويندڙ 4 ٽرڪن کي روڪيو. فوڊ کاتي جي ڪامورن ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪن جي ڊرائيورن کان مبينا طور هزارين رپيا وٺي کين ڪراچي وڃڻ ڏنو. فوڊ عملدار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي سي جي حڪم تي ڪارروائي ڪندو آهيان، منهنجي مرضي جنهن گاڏي خلاف ڪارروائي ڪيان.