مٽياري(رپورٽر) مٽياري عوامي اتحاد جي اھم گڏجاڻي جماعت اسلاميءَ جي ھالا واري آفيس ۾ ٿي گذري. صدارت ڪنوينر حاجي سارنگ منگواڻو ڪئي، جڏھن ته اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ فتاح ڳاھوٽي، اتحاد جي سيڪريٽري انفارميشن رحمت الله ترڪ، ايس ٽي پيء جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، جسقم جو ضلعي صدر رشيد ڏيٿو، جماعت اسلاميءَ جي ضلعي امير فقير محمد لاکو، مسلم ليگ نواز جي ضلعي صدر منصور نواز ڀيون، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي شڪور ناز کان سواءِ جي يو آءِ جي شاھنواز شالمين ۽ نواز ليگ جي زبير ڀنڀرو پڻ  شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اتحاد جي گذريل ڪجھه مھينن جي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان سلسلي ۾ نين تجويزن جي روشني ۾ اتحاد کي وڌيڪ مظبوط ڪيو ويندو. اين ايچ اي پاران ھلندڙ ٽول تي ٿيندڙ غير قانوني حرڪتن بابت واضح پاليسي ٺاھي ويئي، جيڪا اتحاد جي انھن سان ٿيل معاهدي سميت عوام اڳيان ظاھر ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ مٽياري اسپتال جي شھر مان منتقلي جو سخت نوٽيس ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او، ڊي سي ۽ ڊي جي ھيلٿ سان رابطو ڪري شھر واري اسپتال ۾ بنيادي گھر ضرورت واريون شيون واپس آنديون وينديون. اتحاد سنڌو تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن کي سنڌ لاءِ موت جو پروانو سمجھندي ان کي مڪمل رد ڪندي سنڌ ۾ ٿيندڙ ھر احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو.