اڏيرولال (ن پ ا) ڪارنهن الزام هيٺ قتل ناري شارمين ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي اڏيرو لال پوليس مٽياري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت عامر هڪڙو ۽ تميز الدين ھڪڙو کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينھن اڳ اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد ڳوٺ عرضي هڪڙا ۾ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل شارمين هڪڙو جو ڪيس سندس ماءُ جمال خاتون جي فرياد تي ٻن جوابدارن تي داخل ڪيو ويو هو.