ھالا (ن پ ا) بحالي کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ضلعي مٽياري لاءِ صحت موبائيل سروسز ذريعي موبائيل ھيلٿ ڪيئر يونٽ جو افتتاح ڪيو، جنھن بعد مخدوم محبوب الزمان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي مٽياري لاءِ 2 صحت موبائيل سروسز ڏنيون آھن جيڪي صحت موبائيل ذريعي ضلعي مٽياري جي مختلف علائقن ۾ وڃي علاج فراھم ڪنديون، موبائيل سروسز ۾ مريضن لاءِ الٽراسائونڊ، گيس سميت ٻين علاجن جون صھولتون به موجود آھن،مخدوم محبوب الزمان چيو ته نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي پاران ضلعي مٽياري ۾ اضافي ٽول پلازه کي رد ڪريون ٿا، وفاق جي نظر ۾ سنڌ عمران خان جي دور ۾ به ڪانه ھئي ۽ ھاڻي به ڪونھين ڪا، پر سنڌ پيپلزپارٽي جي دل ۾ آھي، مٽياري اضافي ٽول پلازا ٺاھڻ واري معاملي تي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان به اين ايڇ اي کي خط لکيو آھي ۽ اسان جي ھڪ ايم پي اي به سڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سان پڻ ٽول پلازا واري مئاملي تي ملاقات ڪئي آھي مٽياري ۾ اضافي ٽول پلازا ٺاھڻ نه ڏينداسين، ھالا ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو جلد قيام رکيو ويندو، جنھن تي ڪم پڻ ھلي رھيو آھي. ضلعي مٽياري جا ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آھن، جيڪي رھيل آھن تمام جلد انھن کي حل ڪيو ويندو، پوري سنڌ ۾ زھريلي پاڻي جو مسئلو وڌندو پيو وڃي،اھڙي مسئلي کي سنڌ حڪومت پاران جلد حل ڪيو ويندو، ضلعي مٽياري ۾ ناڪارا بڻيل آر او پلانٽ به بحال ڪيا ويندا، سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ھرگز نه ڏينداسين جنھنکي سنڌ حڪومت مڪمل طور تي رد ڪيو آھي، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ بجيب منظور ڪرائي ھن ئي 5 سالن ۾ تيار ڪيو ويندو، جنھن باري ۾ صدر آصف زرداري سان پڻ ڳالھائيندس ۽ اھيو مرحوم مخدوم امين فھيم جو پڻ خواب ھو،ان موقعي تي ڊاريڪٽر 1122 ريسڪيو ڊاڪٽر جلال الدين عابد، پروجيڪٽ ڊاريڪٽر ھيلٿ مھوش ڪلباڻي، ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ ۽ ٻين افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو.