مٽياري(رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ اختلاف سامهون اچي ويا. ضلعي ڪائونسل جي اهم اجلاس ۾ وائيس چيئرمين سميت پ پ سان واڳيل مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي حمايتي ميمبرن جي اڪثريت شرڪت نه ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا. اهڙا اختلاف چيف آفيسر جي پوسٽنگ ڪرائڻ تان وديا آهن. ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري جو 11 مهينن بعد اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس دوران ميمبرن پاران اسڪيمون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي چيئرمين پاران 23 ڪروڙ رپيا موجود ھئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين چيو ته ڄاڻايل رقم ميمبرن جي صلاح مشوري سان خرچ ڪئي ويندي. ڄاڻايل اھم اجلاس ضلع ڪائونسل هال ۾ ضلع ڪائونسل جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان جي صدارت ۾ ٿيو ، اجلاس ۾ ڪائونسل جا اختلاف کلي سامھون اچي ويا. ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سميت پيپلزپارٽي سان وابسته چونڊيل نمائندن ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي حمايتي اڪثر ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ئي نه ڪئي، اجلاس ۾ اڪثر ميمبرن ڪائونسل جي پوري دور ۾ ھڪ به اسڪيم نه ملڻ جون دانھون ڪيون. اجلاس ۾ يو آئي ف جي ميمبر سليم سنڌي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي مٽياري ضلعي جي ڪائونسل مٿان سانگهڙ ضلعي جي ماڻهن جو قبضو ٿيل آهي جيڪي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال کي تالا هڻي رهيا آهن ضلعي ڪائونسل مان عوام کي ڪوبه رليف نه ملي رهيو آهي هن پنهنجي خطاب م چيو ته اسان کي ٻه سال ٿي ويا آهن پر هڪ به اسڪيم نه ملي آهي، ڊرينج سسٽم جي کڏن تي قبضا برقرار آهن اڪثر يونين ڪائونسلن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام درست ناهي ٿي سگهيو مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي تعلقي اسپتال کي بند ڪري عوام کي رلايو ويو آهي، اجلاس ۾ ڄاموٽ هائوس جي ويجهي ساٿي سيد نويد حيدر شاهه چيو ڪائونسل جي ٻن سالن دوران ڪا ھڪ به اسڪيم نه ملي آھي، گذريل 11 مھينن کان ڪائونسل جو اجلاس نه ٿيو آھي، ڪائونسل مان ضلعي جي عوام کي ڪو فائدو نه پيو ملي ته پوءِ اسان جو ھتي ويھڻ سان ڪھڙو فائدو؟
مٽياري ضلعي ڪائونسل پاران ڪچن ملازمن جي پگهار ۾ واڌ
مٽياري: اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڪچن ملازمن جون پگھارون وڌائي 37 ھزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري مخدوم احمد الزمان جو چوڻ ھو ته ڪائونسل ۾ ھن وقت 23 ڪروڙ رپيا پيل آھن، جيڪي ڪائونسل جي ميمبرن جي مرضي مطابق خرچ ٿيندا .
اجلاس دوران سيد نويد حيدر شاهه ۽ چيف آفيسر ۾ ڏند چڪ
مٽياري: اجلاس دوران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر سيد نويد حيدر شاھه ۽ چيف آفيسر ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. جڏهن ته چيئرمين ٻنهي ڌرين کي خاموش ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو.