کيبر ( رپورٽ؛ مظھر عباس ملاح  ) کيبر شهر سميت سڄي ضلعي مٽياري ۾ وياجين جا هجوم موجود ڪپڙن کان وٺي کائڻ پيئڻ جي شيئن سميت هر شيءِ تي وياج لڳڻ عام ڳالھ بڻجي وئي آهي ضلعي جي ٽنهي تعلقن مٽياري، ھالا، سعيدآباد، ۾ وياجين لکين گهرن کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو وڏا وڏا واپاري ڪروڙ پتي مان ڪک پتي ٿي ويا کيبر شهر سميت سڄي ضلعي ۾ وياجين جا دوڪان بااثر ماڻهن جي سرپرستي ۾ کليل آهن ڪپڙن ، چانورن، ڀاڻ، زرعي دوائن، سروس بوڪ، سون، فنيچر، سمارٽ فون، موٽرسائيڪلن ، ڪڻڪ، وؤئڻن جي پوکي سميت هر شيءَ تي 50 کان 70 سيڪڙو وياج وٺڻ معمول بڻيل آهي ، جڏهن ته روڪ رقم تي وياج جي شرح وياجي پنهنجي مرضي موجب لڳائڻ جا مالڪ بڻيل آهن،

ڳوٺن ۾سوين وياجي موجود آهن جيڪي هر شئي وياج تي ڏين ٿا: نوحپوٽو

کيبر: سياسي سماجي اڳواڻ  ۽ ايڊوڪيٽ صديق علي نوحپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيبر شهر سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ سوين وياجي موجود آهن جيڪي هر شيء تي وياج ڏين ٿا جنهن جو ريٽ هو پنهنجي مرضي موجب ان وقت لڳائين ٿا ته وياج وٺڻ واري کي ڪيتري ضرورت آهي ۽ اسلام ۾ وياج حرام آهي پر موجوده حالت ۾ وياج هڪ صاف سٿرو ۽ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي سامهون آيو آهي وياجين سوين نوجوانن جو زندگيون کسي ڇڏيون آهن، کيبر جي صحافي علي حيدر ملاح چيو ته کيبر سميت پوري ضلعي مٽياري ۾ عوام جي خدمت جي آڙ ۾ مائيڪروفنانس بئنڪن پاران 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وياج اڳاڙي ڪئي وڃي ٿي کيبر شهر سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ مزدورن توڙي سرڪاري ۽ زميندار ماڻهن کي لڳ ڀڳ هڪ درجن کان وڌيڪ مائيڪرو فنانس بئنڪن پاران قرض ڏنو ويو آهي جن ماڻهن پنهنجا گهر زمينون ٻيو پراپرٽيون کپائي مائيڪرو فنانس بئنڪن کي 50 کان 70 سيڪڙو وياج سميت مليل قرض موٽائي ڏنو آهي جيڪي ماڻهون هن وقت دربدري واري زندگي گذارين پيا

 

کيبر سميت مٽياري ضلعي ۾ وياجين جو تعداد 1000 کان ٽپي ويو

کيبر: شهر سميت ضلعي مٽياري ۾ ننڍن وڏن وياجين جو تعداد هڪ هزار کان مٿي آهي جن مختلف شعبا ٺاهي ڇڏيا آهن ،  لوھ، سمينٽ، بجري ۽ ڪو وري سون، ڪپڙا، ۽ ڪو وري سمارٽ فون، موٽرسائيڪل ، فرج، ڪپڙن ڌوئڻ واري مشين، سولر پليٽ ، بيٽري ، ايل سي ڊي ، ته ڪو وري زرعي دوائن، ڀاڻ، ٻج ۽ ڪي وري روڪ رقم تي وياج ڏين ٿا جن جي شرح ريٽ پنهنجي مرضي جو آهي.