مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي جي انتظاميا پنهنجي اخبار جي شهر ويجهو قومي شاهراهه تي ٺهندڙ ٽول پلازا جي خبر جو نوٽيس وٺندي ان کي شهرين جي حقن جي لتاڙ قرار ڏيندي سخت اعتراض واري ڇڏيا آهن ۽ چيو آهي ته هڪ ئي ضلعي اندر ٻه ڀيرا ٽول ٽيڪس جي وصولي قانون جي به ابتڙ آهي. قومي شاهراهه جي حالت خراب ٿيڻ ڪري 112 روڊ حادثا ٿي چڪا آهن. مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ پنهنجي اخبار جي خبر جو نوٽيس لکندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي خط لکي معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته ضلعي اندر اڳ ۾ ئي هڪ ٽول پلازا قائم آهي جتي قانون موجب ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون زرعي ۽ ماهي پروري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ان مقصد لاءِ سنڌ حڪومت قومي شاهراهه کي ڳنڍڻ لاءِ ڪيترائي روڊ به ٺاهيا آهن. ته جيئن شاگردن، آبادگارن، ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻين کي سستي سفر جي سهولت ملي سگهي. پر ضلعي اندر ٻه ٽول پلازا مسافرن ۽ ڪاروبار جا سفري خرچ وڌائيندا جنهن سان مقامي ماڻهن ۾ ڳڻتي پيدا ٿيندي ۽ مقامي منڊين ۾ مهانگائي وڌندي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ضلعي اندر قومي شاهراهه جو اچ وڃ وارو 72 ڪلوميٽر حصو آهي جنهن جي حالت تمام خراب آهي. ان خراب حالت جي ڪري ٽن مهينن اندر هن روڊ تي 112 حادثا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 11 ماڻهو فوت ۽ 77 سخت زخمي ٿيا آهن. روڊ جي مرمت قانون ۽ ايس او پيز موجب نه پئي ڪرائي وڃي. جڏهن ته شاهراهه تي مناسب نموني يو ٽرن ۽ لنڪ روڊ به نه ٺاهيا ويا آهن جنهن سان اڳ ۾ ئي ماڻهن ۾ اين ايچ اي جي ساک خراب ٿي وئي آهي. هن لکيو آهي ته مٿي ڄاڻايل صورتحال کي نظر ۾ رکندي آگاهه ٿو ڪجي ته اين ايچ اي جو اين 5 تي ٽول پلازا قائم ڪرڻ وارو اهو قدم شهري حقن جي ابتڙ آهي. ان معاملي تي فوري طور تي قدم کنيو وڃي.

حيدرآباد، مٽياري، سانگهڙ ۽ اتر سنڌ جي متاثرن کي ٻيڻو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو

مٽياري: قومي شاهراهه تي مٽياري ويجهو ٽول پلازا قائم ٿيڻ سان ماڻهن تي اضافي بار پوڻ جو خطرو آهي. سانگهڙ، حيدرآباد ضلعن ڏانهن ۽ مٽياري ضلعن اندر سفر ڪندڙ ماڻهن کي اضافي ٽيڪس ڀرڻو پوندو. جڏهن ته حيدرآباد ۽ مٽياري مان نوابشاهه يا مورو ويندڙ شهرين کي ٻه ڀيرا ٽيڪس ڏيڻو پوندو. مٽياري ضلعي جي شهرن پنج مورو، شهمير راهو، بکر جمالي سميت ان جي آس پاس سوين ڳوٺن جي رهواسين کي پنهنجي گاڏين ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر اچڻ تي به ٻه ڀيرا ٽول ٽيڪس ڏيڻو پوندو.

ٽول پلازا لاءِ زمين جو معاوضو ادا نه ڪرڻ جو انڪشاف

مٽياري: هن چيو ته اين ايچ اي ضلعي انتظاميا کا آگاهه ڪرڻ کانسوءِ ئي مٽياري ضلعي اندر ٻئي ٽول پلازا جي تعمير جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد وٽ ٿيل گڏجاڻي ۾ ان تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ زمين جي معاوضي جو معاملو به حل نه ڪيو ويو آهي.