مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ٻه ٻه سال قيد ۽ 25 /25 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوڊيشل مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت ۾ مٽياري ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل پورا ٿيڻ بعد عدالت سڳوري ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن محمد جمن حاجاڻو ۽ شوڪت ماڇي کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.