مٽياري(رپورٽر) مٽياري جي سک برادري به تڪراري ڪئنالن خلاف جدوجھد ۾ شامل ٿي وئي. ان ڏس ۾ سک ڪميونٽي اڳواڻ ديوان پرڪاش سنگهه چيو آهي ته  ڪئنال ٺهيا ته سنڌ سڪي ويندي سنڌ جي ٻين شهرين جيان سک ڪميونٽي به سنڌو درياء بچائڻ لاءِ نڪتل آهي.  مٽياري ضلعي جي سک ڪميونٽي جي اڳواڻ ديوان پرڪاش سنگهه مٽياري پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه اسان سنڌين جو جياپو آهي ان مٿان ڪنهن صورت ۾ ڪئنال برداشت نه ڪنداسين پنجاب چئي رهيو آهي ته درياء جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي جيڪا ڳالھ بلڪل غلط آهي درياء جو پاڻي سمنڊ ۾ داخل ٿي ڊيلٽا کي محفوظ بڻائي ٿو درياء جو پاڻي نه مليو ته سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کائي ڇڏيندو هن وقت تائين سنڌ جي چاليهه لک ايڪڙ سمنڊ کائي ويو آهي جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته ڊيلٽا تي آباد سوين شهر سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا ڪراچي جهڙو شهر ماضي جو قصو بڻجي ويندو هن چيو ته رياست پاڪستان جي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته مهينن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو روڊن رستن تي نڪتل آهي جيڪڏهن حڪمرانن تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو هن چيو ته سنڌو درياهه کي بچائڻ خاطر سنڌ جي ٻين ڪميونٽين وانگر سک ڪميونٽي به ميدان عمل تي موجود آهي اسين پنهنجا سر ٻچا قربان ڪري سنڌو جي حفاظت ڪنداسين