مٽياري (رپورٽر)  ضلعي مٽياري جي هڪ قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس 57 ۽ 56 جي لاءِ 320 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ضلعي جي ٽنهي تڪن تي 80 پولنگ اسٽيشن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 116 پولنگ اسٽيشن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي ۽ 124 کي نارمل قرار ڏيندي ڊي سي مٽياري، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ايس ايس پي مٽياري کي خط لکي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ضلعي ۾ 11 سوءُ يارنهن بوٿ قائم ڪيا ويندا جنهن ۾ تعلقي هالا سعيداباد واري صوبائي تڪ پي ايس 56 تي 2 لک 17 هزار 11 ووٽر آهن، جنهن ۾ ميل ووٽرن جو تعداد 1لک 14 هزار 97 آهي 169 پولنگ اسٽيشن قائم ٿيندا، جن ۾ 33 مردن لاءِ، 33 عورتن لاءِ ۽ 103 گڏيل پولنگ اسٽيشن هوندا، جن لاءِ 575 بوٿ قائم ڪيا ويندا جنهن ۾ ميل بوٿن جو تعداد 295 جڏهن ته عورتن جي بوٿ جو تعداد 280 آهي، جڏهن ته تعلقي مٽياري واري صوبائي تڪ پي ايس 57 تي ڪل ووٽرن جو تعداد آهي 2 لک 618 جنهن ۾ عورت ووٽر 93 هزار 538 ۽ مرد ووٽر هڪ لک 7 هزار 80 آهي، جن لاءِ 151 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيو وينديون جنهن ۾ مردن لاءِ 19، عورتن جي لاءِ 18 ۽ گڏيل 114 پولنگ اسٽيشن هونديون، جن ۾ 536 بوٿ قائم ڪيا ويندا جنهن ۾ عورتن لاءِ 259 ۽ مردن لاءِ 277 بوٿ قائم ٿيندا، ان حوالي سان ضلعي ۾ ٽوٽل ووٽرن جو تعداد چار لک 17 هزار 629 ووٽر آهن، جن ۾ عورت ووٽرن جو تعداد هڪ لک 96 هزار 452 آهي جڏهن ته مرد ووٽرن جو تعداد 2 لک 21 هزار 177 آهي، جيڪي پنهجي لاءِ هڪ قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس 57 ۽ 56 لاءِ نمائندو چونڊڻ ووٽ جو حق استعمال ڪندا…