مٽياري(رپورٽر) مٽياريءَ ۾ ميلاد مصطفيٰﷺ آرگنائيزيشن مٽياريءَ پاران سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي ڪينال ڪڍڻ خلاف هڪ احتجاجي ريلي درگاھ ميون سيد حاجي عليه رحمه کان پريس ڪلب مٽياريءَ تائين زير قيادت بشير احمد کتري، حافظ مولانا علي اڪبر قادري، قاري حافظ غلا نبي خاصخيلي، امجد علي قادري، عبدالقادر بلالي قادري، اسلم ميمڻ، سليم احمد کتري ، ارشاد احمد حبيبي، امجد علي ميمڻ جي ڪڍي ويئي. جنهن ۾ شهر جي معززين حافظ بشارت احمد طاهري، پير علي شير سرهندي، پير سيد انارالدين شاھ، ايڊوڪيٽ حافظ اخلاص احمد قاضي، عبدالرزاق ميمڻ، محمد بچل ميمڻ، رفيق احمد سومرو ۽ ٻين سوين شهرين شرڪت ڪئي. اڳواڻن وفاقي حڪومت کي ننديندي چيو ته سنڌو درياھ جو پاڻي سنڌ جي پوڇڙيءَ تائين وارن جو حق آهي. جيڪو انهن کان کسي چولستان کي آباد ڪرڻ ڪنهن به نموني جائز ڪونھي. جيستائين سنڌ جو غيرت مند هڪ ٻچو به جيئرو هوندو تيستائين سنڌو درياھ تي ڪوبه ڪينال ڪڍڻ نه ڏيندا.