مٽياري (رپورٽر) ڊگهڙي واسي نوجوان مٽياري مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ محمد عثمان آرائين  جي وارثن جوچوڻ آهي ته نوجوان گهران نڪتو ميرپور خاص وڃڻ لاءِ وري موٽيو ناهي، ڪافي ڳولها پڻ ڪئي وئي آهي، ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، نمبر ٽريس ڪرايو آهي ته سندس آخري لوڪيشن مٽياري تعقلي جي ٿاڻي شاهپور جي آئي آهي. هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته کيس ڪير اغوا ڪري ويو آهي، پوليس اسانجي جي نوجوان ڳولهڻ ۾ مدد ڪري.