مٽياري(رپورٽ: ڪامران ميمڻ) سنڌ جي ٻين علائقن جيان مٽياري ۾ به لکين ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپنين کي ڏيڻجون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار پاران مٽياري ضلعي جي هڪ لک 8 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپنين کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. جنهن لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. حڪومت پاران پرڏيهي ڪمپنين کي مٽياريءَ جون زمينون ڏيڻ جي حوالي سان اشتهار به جاري ڪيو ويو آهي. اهو اشتهار هڪ ڀيرو نه پر ٽي ڀيرا جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هڪ لک 8 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جو چيو ويوآهي. ڄاڻايل اشتهار پرڏيهي اخبارن ۾ به جاري ڪيا ويا آهن، انهن اشتهارن جي جاري ٿيڻ کان پوءِ پرڏيهي ڪمپنيون زمينن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳيون آهن ۽ انهن جا نمائندا مٽياريءَ جي ٻيلي کاتي جون زميون وٺڻ لاءِ ٻيلن جو جائزو وٺڻ پهچي چڪا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن جون زمينون پرڏيهي ڪمپنين کي ڏنيون وينديون. اشتهارن ۾واڪ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 26 مئي 2025 رکي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي ٽيڪنيڪل پرپوزل منجھند هڪ وڳي کولڻ جو شيڊول ڏنل آهي. ٻئي پاسي مقامي ماڻهن ۾ ڄاڻايل فيصلي سبب سخت ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي. کين خدشو پيد اٿي ويوآهي ته ڪٿي ٻيلي کاتي جي زمين کان سواءِ سندن ذاتي زمين پرڏيهي ڪمپنين حوالي نه ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل زمين تي وڏي تعداد ۾ ٻيلا به پوکيل آهن. زمين حاصل ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل شرطن موجب ڪمپنين کي 10 ڪروڙ رپيا سوٿي رقم جمع ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته اها زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنيون واڪ ڏئي سگهن ٿيون.