مٺي(رپورٽر) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ سوجي بڪا جا رهواسي ڳوٺ جي وڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف مٺي پهچي ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،ان موقعي تي ڳوٺاڻي امام بخش، ميانداد ، ولي محمد ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ جا بااثر وڏيرا گهرن مان اچي اسان جي عورتن کي گهيلي تذليل جو نشانو بڻايو آهي ۽ هنن اسان جي گهرن مٿان فائرنگ پڻ ڪئي آهي، هنن چيو ته ڳوٺ خالي ڪري نڪري وڃو هتان،هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جا وڏيرا اسان کي ڳوٺ مان نيڪالي جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، اسان جون زندگيون خطري ۾ آهن اسان ڌنڌي تي نٿا وڃي سگهون، اسان مزوري ڪري پيٽ پاليون ٿا پر هنن جي ڌمڪين جي ڪري گهرن تائين محدود آهيون،هنن چيو ته صالح سميجو، شاهد سميجو، شوڪت سميجو عرس سميجو جبار سميجي ۽ ٻين اسان جي عورتن تي تذليل ڪئي آهي اسان انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪيون ته بااثر اسان کي وڌيڪ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.