مٺي(رپورٽ؛ ممتاز نهڙيو) مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڦليو واسي شاگرد سان مبينا زيادتي وارثن جو احتجاج ڪارروائي جو مطالبو خبر موجب چيلهار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي متاثر نينگر سنيل ڪمار جي پي اندرو ميگهواڙ، ڪرشن ميگهواڙ ۽ ٻين چيو آهي ته  ڇهين ڪلاس جو شاگرد  سنيل ميگهواڙ ڳوٺ ڦليو کان ڀوريلو جي هاءِ اسڪول پڙھڻ لاءِ وڃي رھيو ته جوابدار اتم پٽ سومار ڀيل رستي ۾ سخت جسماني تشدد بعد زبردستي روڊ کان پاسيرو جهنگ ۾ وٺي وڃي، بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اگر وات کوليو ته ٻيهر اسڪول وڃڻ واري رستي تان گذري ڪونه سگهندين، جنهن ڪري هن اسان کان سڀ ڪجھه لڪايو پئي، مگر چهرو لٿل ۽ تشدد جا نشان ڏسڻ بعد اسان زور ڀري وات کولايو ته متاثر نينگر سڄي ڳالھه کولي ڇڏي، وارثن وڌيڪ چيو ته اسانجا ڪافي ٻارڙا ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول نه هجڻ سبب روزانو پنج ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڀوريلو هاءِ اسڪول پڙهڻ لاءِ ويندا آهن، واقعي واري ڏينهن باقي ٻارڙا اڳ نڪري ويا هئا، تنهن ڪري اڪيلي معصوم کي ڄاڻايل جوابدار زبردستي تشدد ڪري حوس جو نشانو بڻايو آهي، جنهن سبب هاڻي باقي ڳوٺاڻا ٻار پڻ اسڪول وڃڻ لاءِ انتهائي خوفزده آهن، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آھي ته جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻن شاگردن مان خوف ختم ٿي سگهي ۽ اهي بهتر نموني سان تعليم پرائي سگهن، معلوم ٿيو آهي ته وارثن جي احتجاج بعد چيلهار پوليس جوابدار اتم ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پر واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.