مٺي( رپورٽر ) مٺي ۾ سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي پاران ٿر جي ثقافتي ۽ مقامي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو ٿر اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آھي، مٺي جي ماروي گرائونڊ تي ڪوٺايل فيسٽيول جو افتتاح کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم لاشاري، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، سشيل ملاڻي ۽ ٻين پاران ڪيو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل کاتي جو صوبائي وزير محمد بخش مهر شريڪ نه ٿيو، ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ اٺن گهوڙن جي ڊوڙ، ملھ ملاکڙو، گابڙي راند، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميراٿن ريس ، ڪرڪيٽ مقابلا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قومي ۽ مقامي رانديون شامل آھن.ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ رات ميوزيڪل پروگرام رٿيل آھي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور راڳي فن جو مظاهرو ڪري رهيا هئا،گرائونڊ تي شوقينن انور هنڱورجو، ماما ماتورام ڀڳت۔ ولي محمد جوڻيجو، غلام محمد جوڻيجو، سنيل ڀڳت ۽ ٻين جي ڀلوڙ اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيا، سنڌ جي راندين واري کاتي پاران ڪرايل ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ ملھ پهلوانن وچ چوٽي جا مقابلا ٿيا، هزارين شوقينن جي شرڪت رهي، ملاکڙي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل ملھ پهلوانن پنهنجي پهلواني جا جوهر ڏيکاري هزارين روپين جا انعام حاصل ڪيا، ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جو مقابلو عمرڪوٽ جي پهلوان لالا عبدالله پٺاڻ پهلوان وڏي مقابلي بعد ميرپورخاص جي پهلوان امتياز مري کي هارائي 50 هزار رپيا کٽي ورتا، جڏهن ته ٻي جوڙ ۾ پهلوان شاهه پسند مقابلي بعد ٿر جي پهلوان نصرالله شيدي کي هارائي 30 هزار رپيا کٽي ورتا، ساڳي طرح ٽئين جوڙ ۾ ميرپورخاص جي پهلوان معشوق مري مقابلي ۾ پهلوان ارشد راڄڙ کي ٻئي ملهون ماري 20هزار جو بل کٽي ورتو، فسيٽيول اڄ ٻئي ڏينهن به جاري رهندو،هوڏانهن سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي جي صوبائي سيڪريٽري عبدالحليم لاشاري افتتاع دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر پسمانده علائقو آھي هتان جي رانديگرن ۽ نوجوانن کي موقعو فراهم ڪرڻ لاء مٺي ۾ فيسٽيول ڪرائڻ جي چونڊ ڪئي سين، فيسٽيول ۾ اٺن گهوڙن جي ڊوڙ. ملهه مقابلن ۽ ميوزيڪل شو سان گڏوگڏ 4 هزار شاگرد، شاگردياڻيون ۽ نوجوان مختلف ثقافتي ۽ قومي راندين ۾ حصو وٺي رهيا آھن هن چيو ته ٻن ڏينهن جي ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ پوزيشن کڻندڙن کي انعامن جي اعزاز سان نوازيو ويندو ۽ کين ملڪي ۽ صوبائي ليول جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ مڌوح ڪري کين اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪنداسين، ٿر جي نوجوانن ۽ رانديگرن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ۽ سهولت گهٽ مليا آھن، اسان ان کي نظر ۾ رکي ٿر ۾ ميلو سجايو آھي، ٿر ۾ پهريون ڀيرو ڇوڪريون ميراٿن ريس ۽ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين ۾ وڏي پئماني تي حصو وٺي رهيون آھن، هن چيو ته ٿر جيپ ريلي اپريل ۾ ڪنداسين. رمضان شريف جو مهينو اچڻ ڪري جيپ ريلي جو شيڊول پوئتي ڪيو ويو آھي۔ ٿر جيپ ريلي جو روٽ ٽيڪنيڪل ٽيم جي فائنل وزٽ ۽ مقامي ماڻھن کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد طئه ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته جيپ ريلي جو اهڙو روٽ رکون جنهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هجي.
ملهه پهلوانن پاران معاوضو، رهائش ۽ کاڌو نه ڏيڻ خلاف احتجاج
مٺي : سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي پاران مٺي ۾ ڪرايل ٻن ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ گهرايل ملھ پهلوانن معاوضو، رهائش ۽ کاڌو نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، راندين واري کاتي جي آفيسرن خلاف نعري بازي ڪئي ويئي، ان ڏس ۾ ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ هزارين شوقينن کي ملھ پهلواني جا جوهر ڏيکاري مقابلا ڪندڙ پهلوانن مان لاڳاپيل کاتي جي ڪامورن هٿ ڪڍي ڇڏيا، دربدر ٿيڻ بعد صحافين وٽ احتجاج لاء پهچي ويا،ملاکڙي ختم ٿيڻ بعد ملھ پهلوانن احتجاجي مظاهري دوران دانهيندي چيو ته اسانکي مختلف ضلعن مان سرڪاري ملاکڙي ۾ گهرائي مقابلن بعد معاوضي، رهائش ۾۽ کاڌو پيتي کانسواء روانو ڪري ڇڏيو آھي، اسانکي معاوضي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو واعدو ڪري گهرايو ويو پر ڪامورن خالي هٿين روانو ڪري دربدر ڪري ڇڏيو، راندين واري کاتي جا ڪامورا رڳو پنهنجو پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن اسان معاوضي ۽ ڀاڙي خرچ سميت رهائش جي ڪابه سهوليت نه ڏيڻ زيادتي آھي هنن چيو ته اسان کي معاوضو ۽ رهائش ۽ ٻيون سهوليتون نه ڏيڻ سبب شھر ۾ دربدر ۽ بک تي آھيون۔ اسان سان انصاف نه ٿيو ته اڄ هلندڙ فيسٽيول دوران احتجاج ڪنداسين ،
وڌيا ڪماري ريس ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو
مٺي : ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ ڇوڪرين وچ ۾ ٿيل ميراٿن ريس مقابلي ۾ وڌيا ڪماري پهريون نمبر حاصل ڪيو، ٿر اسپورٽس فيسٽيول ٻن ڏينهن تي مشتمل رهندو، صوبائي وزير ڪنهن اهم مصروفيات سبب شريڪ نه ٿي سگهيو آھي.