ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين موسم سرد ۽ خشڪ رھندي ـ موسميات کاتي مطابق ڪالهه ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت سردي رھي، ڪراچي ۾ گرمي پد 7 ۽ مٺي ۾ زيرو سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، اڄ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 7 کان 9 سينٽي گريڊ رھندو، جڏهن ته سڀاڻي 9کان 11 سينٽي گريڊ تائين پھچي سگھي ٿو، موسميات کاتي موجب رات ۽ صبح جو ڌنڌ جو امڪان پڻ آھي.