مٺي جي ڳوٺ رائلو رند ۾ ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا سڳيون ٻه ڀينرون علاج نه ملڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويون، جن ۾ 25 ورهين جي صاحبان زال اسحاق ۽ 35 ورهين جي بينظير زال مجيد شامل آھن، معلوم ٿيو آھي ته صاحبان رند 3 ڏينهن اڳ مٺي سول اسپتال ۾ فوت ٿي هئي ۽ سندس ڀيڻ بينظير ڪالهه مٺي سول اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ٽي بي وگهي فوتي ڀينرن جو انگ 2 ٿي ويو آھي، وارثن موجب سول اسپتال مٺي ۾ علاج هلندڙ هو، پر علاج خاص نٿا ڪن نه وري ٽي بي  جا ڊاڪٽرز سٺا آهن ساڳي ئي گھر ۾ ڇوڪرين جو پيءُ حاجي رند ۽ هڪڙي ڌي ٽي بي جهڙي مرض ۾ مبتلا آهن، جيڪي به بستري تي پيل آهن، ٿر ضلعي ۾ جڏهن به ڪا بيماري ايندي آهي ته جلد اپاءَ نٿا وٺجن، تنهن جي ڪري بيماري قابض ٿي ويندي آهي، ٻن ڀينرن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام متل آهي، نوٽيس وٺي ڳوٺ تائين جلد ٽيمون اماڻيون وڃن ته جيئن ٻين جي زندگي بچي سگهي.