مٺي ۾ ٻن ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽول جي پڄاڻي، رانديگرن کي ايوارڊ

0
20
مٺي ۾ ٻن ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽول جي پڄاڻي، رانديگرن کي ايوارڊ
مٺي ۾ ٻن ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽول جي پڄاڻي، رانديگرن کي ايوارڊ

مٺي(رپورٽر ) سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي پاران ٿر جي ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻن ڏينهن وارو ٿر اسپورٽس فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو، فاتح ۽ پوزيشن کڻندڙ رانديگرن ۽ ٻارن کي روڪ انعام ۽ ايوارڊس جي اعزاز سان نوازيو ويو ، ايوارڊ تقريب ۾ اسپورٽس کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم لاشاري، اي ڊي سي ون، راڳي رجب فقير سميت ٻين شرڪت ڪري رانديگرن  ۽  ٻارن کي انعام ۽ ايوارڊس ڏنا، مقابلن جي نتيجن موجب ونجهه وٽي ۾ پوزيشن کڻندڙ هائي اسڪول ڀڪوئو  سادواڻي ڪالوني اسڪول کي هارائي پهرين پوزيشن کنئي ۽  15هزار سرڪاري انعام  کٽي ورتو، ڪوڏي ڪوڏي راند جي مقابلي ۾ نيو برائٽ فيوچر اسڪول کٽي ورتو، جنهن امر جگديش نارٿ ڪالوني اسڪول کي هارائي 15هزار کٽي ورتا، شاگردياڻين وچ ۾ ڪرڪيٽ راند جو مقابلو گرلس نارٿ ڪالوني مٺي کٽي ويو ، ويسٽ گرلس اسڪول کي هارائي فائنل کٽي 15 هزار انعام پنهنجي نالي ڪري ورتو، مجموعي طور سمورين راندين ۾ فاتح اميدوارن کي روڪ انعام سان گڏ سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا.

 ٿر ۾ وڏي قابليت ۽ ذھانيت موجود آھي: سيڪريٽري اسپورٽس

مٺي:  سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس کاتي جي صوبائي سيڪريٽري عبدالحليم لاشاري انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسپورٽس کاتو هر سال ٿر ۾ اهڙو ايونٽ ڪرائيندو اهو صحتمند سرگرمي آهي، جيڪا اسان جي ذميواري آھي ٻن ڏينهن واري فيسٽيول ۾ مون کي ٿر واسين جو جذبو جوش ۽ ٽئلينٽ ڏسي حيرانگي ٿي اهڙو ٽئلينٽ ڪٿي نه ڏٺو، هن چيو ته پوزيشن کڻندڙ رانديگرن ۽ نوجوانن کي صوبائي ۽ ملڪي ليول جي ٿيندڙ مقابلن ۾ موقعا فراهم ڪنداسين، هن چيو ته ٿر ۾ وڏي قابليت ۽ ذھانيت موجود آھي پر ٿر جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۽ مقابلن ۾ حصو وٺڻ جا موقعا گهٽ مليا آھن، هاڻي ٿري نوجوانن ۽ رانديگرن کي وڏن وڏن پروگرامن  تائين پهچائينداسين.

ٻن ڏينهن جي ايونٽ ۾ شاگردياڻين جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان

مٺي: ٿر فيسٽيول ۾ مٺي جي اسڪولن جي شاگردن سميت، سياسي، سماجياڳواڻن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٻن ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽيول کي ڪامياب ڪيو، جڏهن ته مٺي ٻن ڏينهن دوران هلندڙ اسپورٽس شاگردن جي ڀيٽ ۾ شاگردياڻين تمام گهڻي  دلچسپي ورتي ۽ انعام پڻ حاصل ڪيا .