مٺي (ن پ ا) مٺي ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس اتحاد پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي، استاد تنظيمن ۽ ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن ارباب غضنفر علي، بادل دل، ارباب ذولفقار، نويد سوڍو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تائين مارچ ڪيو جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ ملازمن پاران سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي 15 سيڪڙو پگهار وڌائڻ، يوٽلٽي الائونس ڏيڻ، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻَ، ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ فوتي ڪوٽا بحال ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نعري بازي ڪئي.